ٺڪراٺو : ويجھو ڳوٺ ابراھيم مھتم ۾ مھتم برادري جي ٻن ڌرين ۾ پسند جو پرڻو ڪرڻ تان ٻيھر ڇڪتاڻ وڌي وئي لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٻن عورتن سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ محمد خان مھتم گلشير احمد مائي بيگم عابده ۽ شادي مھتم شامل آھن زخمين کي وارث جدا جدا طور تي مبارڪپور ٿاڻي تي کڻائي آيا جتان زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏيڻ بعد پنوعاقل تعلقا اسپتال منتقل ڪيو ويو ان سلسلي ۾ ٻنھي ڌرين جي شادي مھتم ۽ گلزار مھتم سان رابطو ڪرڻ تي ھنن ھڪ ٻي اڳرائي ڪرڻ سميت ھڪ ٻي جي گھرن مٿان حملن جو الزام لڳايو ٻي پاسي ٻڌايو پيو وڃي ته ٽي مھينا اڳ زاھد مھتم صفوران مھتم سان پسند جو پرڻو ڪيو ھو جنھن کانپو۽ ناري پاران عدالت ۾ پيش ٿي وارثن سان گڏ وڃڻ جو بيان ڏنو ھو جنھن معاملي جو فيصلو نه ٿيڻ تان ٻنھي ڌرين ۾ ٻيھر ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ جھيڙي جي نتيجي ۾ ٻنھي ڌرين جا 2 عورتن سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن ايس ايڇ او مبارڪپور سان ان بابت موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ھن فون نه کنئي.