ٺڪراٺو ويجھو مھتم ۽ مھر برادري وچ ۾ زمين جي مالڪي تان جھيڙو لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب 6 ڄڻا زخمي اسپتال منتقل مھتم برادري جي ماڻھن جو مھر ڌر خلاف احتجاجي مظاھرو

ٺڪراٺو ويجھو مھتم ۽ مھر برادري وچ ۾ زمين جي مالڪي تان جھيڙو لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب 6 ڄڻا زخمي اسپتال منتقل مھتم برادري جي ماڻھن جو مھر ڌر خلاف احتجاجي مظاھرو نعريبازي مخالفن مٿان گھرن مٿان حملي ۽ فائرنگ جا الزام پوليس رپورٽ درج ڪري ورتي خبر موجب ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ اڪڙي پٽ ۾ پنج جريب زمين جي مالڪي تان مھتم ۽ مھر برادري وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران لٺين ۽ ڪھاڙين جي آزاداڻي استعمال سبب ٻنھي ڌرين جا 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ واحد بخش علي اصغر عبدالمجيد مھتم محمد امين مھر محمد اسماعيل ۽ امداد مھر شامل آھن جن کي وارث مبارڪپور ٿاڻي تي کڻائي آيا جتان پوليس زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي تعلقا اسپتال پنوعاقل منتقل ڪري ڇڏيو مھتم ڌر جي ماڻھن مھر ڌر جي ماڻھن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ۽ مٿن گھرن مٿان حملو ڪرڻ ۽ فائرنگ ڪرڻ جا الزام لڳايا احتجاج ڪندڙن دين محمد مھتم نياز احمد عمر بخش ابراھيم غلام محمد مائي جنت مائي ظھران ۽ ٻين چيو ته مھر برادري جا ماڻھو اسانجي پنج جريب زمين تي زبردستي قبضو ڪيون ويٺا آھن ۽ اڄُ ھُنن اسانجي گھرن تي حملو ڪري اسانجن ٽن ڄڻن کي رتورت ڪري ڇڏيو احتجاج ڪندڙ مھتم برادري جي ماڻھن ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آھي ته زمين تان قبضو ختم ڪرائي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ھوڏانھن مھر ڌر جي ماڻھن رابطي تي ٻڌايو ته مھتم برادري جي ماڻھن اسانجي ڌنار کي مارڪٽ ڪئي ڇڏائڻ لا۽ پھتاسين ته جھيڙو ٿي پيو ٻي طرف مبارڪپور پوليس رابطي تي ٻڌايو ته ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جھيڙو ٿيو زخمي کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪيو آھي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.