ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ اوچتو مڇرن جو آزار وڌي وڃڻ ڪري علائقي واسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا هئا ۽ مڇرن جي چڪجڻ کانپوء علائقي واسين ۾ مليريا جي بيماري پکڙجي رهي هئي مڇرن جي ڪري چوپايو مال پڻ بيمار ٿي پيو آهي علائقي ۾ اوچتو مڇرن جو آزار وڌڻ کانپوء تعلقه پنوعاقل جي يونين ڪائونسل روپهر جي پاڪستان فنڪشنل مسلم ليگ جي چونڊيل چيئرمين فقير نصير احمد مهر پاران فوري نوٽيس وٺي ڪري مڇر مار اسپري مشين رينٽ تي کڻي ڪري يوسي جي مختلف ڳوٺن نئون آباد , روپهر , ڦيسڙ , اڪل ڳوٺ , سمن آباد , احمدو فقير ۽ ٻين ڳوٺن ۾ وارڊ ڪائونسلر فقير صحب مهر سان گڏجي پنهنجي نگراني هيٺ مڇر مار اسري ڪرايا رات دير تائين چيئرمين ۽ وارڊ ڪائونسلر يوسي جي مختلف ڳوٺن ۾ اسپري ٿيڻ تائين پاڻ اتي موجود رهيا ۽ باقي رهيل ڳوٺن ۾ مڪمل اسپري ڪرائڻ تائين چيرمين يوسي جي وارڊ ڪائوسلرن کي پابند بڻايو آهي ته جيتري تائين پوري يوسي ۾ مڇر مار اسپري پورو نه ٿئي تيستائين اسپري مشين ۽ ورڪرن کي پنهنجي يوسي ۾ ئي رهائڻو آهي ۽ عوام جي هن مشڪل ۾ انهن سان گڏ رهڻو آهي يوسين چيئرمين فقير نصير احمد مهر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ضلع سکر ۾ فنڪشنل مسلم ليگ پاران کٽيل يوسي روپهر گذريل ٻن سالن کان بجيٽ کان محروم رهي آهي تازو ئي مارچ 2024 ۾ هڪ مهيني ج بجيٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ به يوسي جي ملازمن جي پگهارن سميت ٻيا پڻ ڪيترا ئي آفيشل ڪم ڪرڻا هئا پر سڀ کان پهريان عوام جي اهنجن کي ڏسي علائقي ۾ مڇرن جي آزار گهٽائڻ خاطر مان پنهنجي ۽ پنهنجي وارڊ ڪائونسلرن جي سهڪار سان پوري يوسي ۾ مڇر مار اسپري ڪرائڻ پنهنجو فرض سمجهي يوسي جي هر ڳوٺ ۾ اسپري ڪرائڻ لاء رينٽ تي اسپري مشين کڻي مڇر مار اسپري ڪرائڻ پهتو آهيان رينٽ تي اسپري مشين ڇو جي سوال تي چيئرمين جواب ڏنو ته اسان وٽ في الحال اسپري مشينون موجود ناهن تنهنڪري اڳوڻي تعلقه ايڊمنسٽريٽر اسپري مشينون توڙ ٻيو سامان اسان حوالي ناهي ڪيو اهو ڪٿي آهي انکي خبر اسان پنهنجي عوام سان گڏ آهيون ۽گڏ رهندا سين جهڙو به حال آهي شروعات ڪجھ ڳوٺن کان ڪئي آهي ۽ انشاء الله ٻن ٽن ڏينهن ۾ پوري يوسي جي تمام ڳوٺن ۾ مڇر مار اسپري پورو ڪرائيندس جيڪڏهن ڪنهن به وجھ کان ڪو ڳوٺ رهجي وڃي ٿو ته منهنجي ڏنل پرسنل فون نمبر تي رابطو ڪري ياددهاني ڪرائي وڃي