ٺڪراٺوچاليه هزار آدمشماري رکندڙ شھر آھي ان شھر ۾ صرف هڪ پرائمري اسڪول آھي جنهن جو بنياد 1913 ۾ برٽش گورنمينٽ رکيو هيو جنهن اسڪول مان ڪيترائي هتان جا رهندڙ پرائمري تعليم حاصل ڪري ڊاڪٽر,انجنيئر,استاد, بيورو اف اسٽيٽڪس ۾ ڊائريڪٽر,ايگريڪلچر ۾ ڊائريڪٽر ۽ ٻين کاتن ۾ آفيسر ٿي چڪا آھن پر افسوس گذريل هڪ سال کان پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر نه آھي صرف اتي ٻھ چوڪيدار الهڏتو ۽ محمد بخش مقرر ٿيل آھن استاد نه هجڻ ڪري پرائمري تعليم ڪچي ۽ پڪي (پهرين کان پنجين ڪلاس) جا 300 کان 400 جي لڳ ڀڳ ٻار تعليم کان محروم آھن اڳ ۾ ڊائريڪٽر آف اسڪولس حافظ شهاب الدين انڍهڙ,ضلعي آفيسر سيد صفدر شاه ڳوٺاڻن جي شڪايت تي جدا جدا وزٽ ڪئي ۽ ڳوٺاڻن سان واعدو ڪيو ته پرائمري اسڪول ۾ استاد جلد مقرر ڪيا ويندا ياد رهي ته ڪجھ سال اڳ ۾ پرائمري اسڪول ٺيڪراٺو کي هاء اسڪول سان ملائي ڪئمپس جو درجو ڏنو ويو هو ڪئمپس ٿيڻ کانپوء پرائمري اسڪول بند ٿي چڪو آھي پرائمري اسڪول جي هڪ ملازم ٻڌايو ته آفيسر پرائمري اسڪول کولڻ لاء وزٽ ڪونه ڪندا آھن ڪيترائي ڀيرا قبضا مافيا جي بلڊر کي ساڻ ڪريپرائمري اسڪول جي پراڻي بلڊنگ ۽ بقايه پلاٽ وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا ان ئي ڪري استاد مقرر نه پيا وڃن هر سال ايندڙ پرائمري اسڪول جي smc فنڊ جا لکين رپيا ۽ اسڪول لاء آيل فرنيچر ۽ ٻارن لاء ملندڙ ڪتاب ڪاغذن ۾ ڏيکاري هڙپ ڪن ٿا جيڪو ڊائريڪٽر هائير سيڪنڊري ۽ DEO هائير سيڪنڊري صاحب جي ڳٺ جوڙ سان ڪيو پيو وڃي ايتري تائين جو قبضا مافيا بلڊر سان به تعليم کاتي جي سڀني آفيسرن جو ڳٺ جوڙ آھي ته جيئن پرائمري اسڪول جي بلڊنگ تباه ٿئي ۽ رهيل پلاٽ تي فليٽ ۽ دڪان ٺھرايا وڃن جنهن تي ڳوٺاڻن ڊاڪٽر امداد منگي,عطا سهتو,ڪرم علي مهتم,ضمير حسين مهر,الهڏيوايو ڪمشنر سکر ,سيشن جج سکر,ڊپٽي ڪمشنر سکر جن کان مطالبو ڪيو ته شھر ٺيڪراٺو جي پرائمري اسڪول ۾ استاد نه مقرر ڪرڻ ۽ پرائمري اسڪول جي پنجن سالن جي Smc فنڊ,فرنيچر ۽ شاگردن جي مليل ڪتابن جي مڪمل انڪوائري ڪرائي سرڪار طرفان ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ اسڪول هلائڻ ۽ ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاء چار کان پنج استاد مقرر ڪري ڏنا وڃن ته جيئن گذريل دور ۾ چار پرائمري استاد مقرر هوندا هيا ڪئمپس کان واپس پرائمري ايجوڪيشن جي حوالي ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته هاء اسڪول ٺيڪراٺو ۽ پرائمري اسڪول جي وچ ۾ هڪ ڪلوميٽر جو مفاصلو آھي ان مفاصلي جي ڪري هاء اسڪول ٺيڪراٺو جا HST,JEST پرائمري اسڪول ڏانهن وڃڻ لاء تيار نه آھن ڪيترائي ڀيرا ڊائريڪٽر ۽ DEO انهن کي زباني حڪم ڏيندا رهيا ته پرائمري اسڪول ۾ روزانه جي بنياد تي هڪ JEST هڪ ڪلارڪ وڃي ٻارن کي تعليم ڏين مگر ڪوبه هاء اسڪول جو استاد يا اسٽاف نه ويو معلوم ڪرڻ تي هڪ JEST ٻڌايو ته آفيسر صرف ڳوٺاڻن کي خوش ڪرڻ لاء ان جي سامهون زباني حڪم ڏيندا آھن ته ڪڏهن به لکت ۾ ڪنهن کي مقرري وارو حڪم ڪونه ٿا ڏين جنهن جي بد نيتي صاف ظاهر آ ته پرائمري اسڪول جي بلڊنگ ۽ رهيل پلاٽ وڪرو ڪرڻ.