ٺڪراٺو : ٿاڻو مبارڪپور جي حد ۾ چورين جو آزار وڌي ويو گذريل ٻن راتين ۾ چور ٽي وارداتون ڪري

ٺڪراٺو: مان هڪ سي ڊي موٽر سائيڪل ، ڳوٺ جواري شاھ مان هڪ ڳئون ۽ مبارڪپور شهر جي مدرسه محله مان هڪ ڀانڊو ڀڃي زميندار جو لکين روپين جو پيل ڀاڻ ۽ زرعي دوا نامعلوم چور چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا  مبارڪپور  پوليس علائقي ۾ امن ڪرائڻ ۽ چورين تي ظابطو آڻڻ ۾ مڪمل ناڪام علائقي واسين ۾ مايوسي ڇانيل سڄاڻ ڌرين پوليس جي اعلیٰ عملدارن کي نوٽيس وٺي ڪري چوريون واپس ڪرائڻ ۽ ناڪام ايس ايڇ او کي هٽائڻ جومطالبو ڪري ڇڏيو ٺڪراٺو مبارڪپور ٿاڻو جي حد ۾ چورن رڻ ٻاري ڇڏيو آهي چورين جو آزار وڌي ويو گذريل ٻن راتين ۾ نامعلوم چورن  ٽي وارداتون جنهن ۾  ڳوٺ جواري شاھ مان پورهيت حبيب الله مهر جي ڀلوڙ نسل جي هڪ ڳئون ، ٺڪراٺو شهر ٻاهران يوسي مبارڪپور جي چيئرمين رئيس امام بخش مهتم جي پٽ ربنواز مهتم جي سي ڊي  موٽر سائيڪل ماڊل 2021 سندس جي زمين تان ڪاهي فرار ٿي وياجڏهن ته ناملوم چور مبارڪپور جي شهر جي اوچيهر ٺڪراٺو لنڪ روڊ جامعه مدرسه وٽان ذميندار جمال الدين مهر جي ڀانڊي جا تالا ٽوڙي ان مان لکين روپين جو ڀاڻ ۽ زرعي دوا چورائي فرار ٿي ويا متاثر ذميندار ۽ ٻين پاران مبارڪپور ٿاڻي تي پھچي اين سي داخل ڪرائي آھي ان موقعي تي متاثر ماڻهن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آھي ته مبارڪپور ٿاڻي جي حد ۾ بدامني چوٽ چڙھي وئي آھي نامعلوم چور ھڪ ئي رات ۾ دوڪان مان پيل ڀاڻ زرعي دوا هڪ موٽر سائيڪل ۽ ھڪ ڳئون چوري ڪري فرار ٿي ويا آھن جڏهن ته علائقي ۾ وڌندڙ بدامني تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي هتان جي سڄاڻ ڌرين ايس ايڇ او مبارڪپور اشرف ڦلپوٽو کي هڪ ناڪام ايس ايڇ او ظاهر ڪندي چيو ته ايس ايڇ او علائقي ۾ امن ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويو آهي هو صرف ٺڪراٺو شهر ۾ آڪڙا پرچي ڊيلرن ساڻ رهاڻيون ڪرڻ ۾ پورو آهي جنهن جو مثال ٺڪراٺو مبارڪپور ۾ سرعام جوا ۽ آڪڙا پرچي هلڻ آهي ھنن نئين آيل آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان ٿيل چوريون واپس ڪرائي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آھي ٻي پاسي ايس ايڇ او کان موقف وٺڻ لا۽ ڪال ڪئي وئي پر ھُن فون نه کنيو ۽ موقف ڏيڻ کان بار بار لنوائيندو رهيو