ٺڪراٺو : ٿاڻو مبارڪپور جي حد ۾ چورين جو آزار وڌي ويو گذريل ٻن راتين ۾ چورن چار وارداتون ڪري هڪ موٽر سائيڪل ڇھ ٻڪريون ۽ شهر جي مک بازار مان تيرهن سولر پليٽون چوري ڪري ويا

ٺڪراٺو : ٿاڻو مبارڪپور جي حد ۾ چورين جو آزار وڌي ويو گذريل ٻن راتين ۾ چورن چار وارداتون ڪري هڪ موٽر سائيڪل ڇھ ٻڪريون ۽ شهر جي مک بازار مان تيرهن سولر پليٽون چوري ڪري ويا مبارڪپور پوليس علائقي ۾ امن ڪرائڻ ۽ چورين تي ظابطو آڻڻ ۾ مڪمل ناڪام علائقي واسين ۾ مايوسي ڇانيل سڄاڻ ڌرين پوليس جي اعلي عملدارن کي نوٽيس وٺي ڪري ناڪام ايس ايڇ او کي هٽائڻ جومطالبو ڪري ڇڏيو ٺڪراٺو ( رپورٽ ) مبارڪپور ٿاڻو جي حد ۾ چورين جو آزار وڌي ويو گذريل ٻن راتين ۾ چار وارداتون جنهن ۾ ڳوٺ ڳاهو دڙوواسي پورهيت خاود بخش مڱڻهار جي سي ڊي موٽر سائيڪل ماڊل 2008 رجسٽريشن نمبر 0321 SKV ڳاڙهودڙو لڳ زمين ۾ ڇڏي ٿريشر تي ويو ته پويان ناملوم چور زمين ۾ بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري ويا لالو پٽ مان چار نامعلوم چور پورهيت الاهي بخش مهر جي گهر ۾ گهڙي ڪري ڀلوڙ نسل جون ڇھ ٻڪريون چورائي ويا جڏهن ته گذريل رات ٿاڻو مبارڪپور جي سامهون وچ بازار مان نامعلوم چور حاجي شهمير مهتم حاڪم ملڪ ساگر ڪمار مينگهواڙ جمال الدين مهتم وقار سومرو دين محمد عرف ڏاڏو سومرو غفار سومرو سميت ٻين دڪاندارن جون 13 سولر پليٽون چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا آھن متاثر دڪاندارن ۽ ٻين پاران مبارڪپور ٿاڻي تي پھچي اين سي داخل ڪرائي آھي ان موقعي تي دڪاندارن ۽ ٻين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آھي ته مبارڪپور ٿاڻي جي حد ۾ بدامني چوٽ چڙھي وئي آھي نامعلوم چور ھڪ ئي رات ۾ دڪانن مٿان پيل 13 سولر پليٽون هڪ موٽر سائيڪل ۽ ڇھ ٻڪريون چوري ڪري فرار ٿي ويا آھن جڏهن ته علائقي ۾ وڌندڙ بدامني تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي هتان جي جي سڄاڻ ڌرين ايس ايڇ او مبارڪپور اعجاز جسڪاڻي کي هڪ ناڪام ايس ايڇ او ظاهر ڪندي چيو ته ايس ايڇ او علائقي ۾ امن ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويو آهي هو صرف ٺڪراٺو شهر ۾ آڪڙا پرچي ڊيلرن ساڻ رهاڻيون ڪرڻ ۾ پورو آهي جنهن جو مثال رمضان جهڙي مهيني ۾ به سرعام جوا آڪڙا پرچي هلڻ آهي ۽ چند ڏوڪڙن عيوض رمضان آرڊيننس جي خلاف ورزي ڪندي سموري شهر ۾ هوٽل ۽ کاڌي پيتي جا اسٽال کولرائي ڇڏيا آهن ھنن آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان سولر پليٽون ۽ ٻيون ٿيل چوريون واپس ڪرائي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آھي ٻي پاسي ايس ايڇ او کان موقف وٺڻ لا۽ ڪال ڪئي وئي پر ھُن فون نه کنيو ۽ موقف ڏيڻ کان بار بار لنوائيندو رهيو