ٺڪراٺو: لڳ ڳوٺ سمن آباد ۾ نامعلوم شرپسندن هاري جي ڪڻڪ جي گڏ ڪيل ديري کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو سمن آباد واسي پورھيت لالو مھر جي پنج جريب زمين جي گڏ ٿيل ڪڻڪ جي ديري کي عصُر ويل نامعلوم شرپسند ماڻھون باھ ڏئي وياباھ سبب پورھيت جو گڏ ٿيل سمورو ديرو سڙي رک ٿي ويو آھي جنھن جي نقصان جو ڪاٿو تقريبن 07 لک تائين ٻڌايو پيو وڃي پورھيت لالو مھر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تہ پنج جريب ڪڻڪ جي ول گڏ ڪري رکي ھيم صبح جو ٿريشر لڳائڻ جو ارادو ھو پر نامعلوم شرپسندن ديري باھ ڏئي ڇڏي جنھن سبب منھنجي ٻچن جي روزي ۽ ڇھن مھينن جي ڪمائي لڙھي وئي آھي متاثر پورھيت لالو مھر ڊي آء جي سکر ايس ايس پي سکر ۽ حد ٿاڻي مبارڪپور پوليس کان مطالبو ڪيو تہ ديري کي باھ ڏئي ساڙيندڙ شرپسندن کي فوري گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ سرندي وارن کي مالي سهائتا لاء اپيل ڪري ڇڏي