ٺڪراٺو :چار ڏينهن اڳ ٺڪراٺو جي مھتم برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ فصل ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ واري معاملي تان ٿيل جھيڙي ۾ مبينا تشدد ۾ زخمي ٿيل 65 سالا پيرسن عورت ھوران مھتم فوت ٿي وئي وارثن لاش رکي مين چوڪ تي ٽائر ساڙي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي جوابدارن ۽ مبارڪپور پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙن امام علي مھتم محمد زمان الطاف قربان ۽ ٻين دانھيندي الزام لڳايو ته ڪجھ ڏينھن اڳ سارين جي فصل ۾ پاڻي ڇوڙ واري معاملي تان شروع ٿيل ڇڪتاڻ سبب جھيڙا ٿيا ھئا جنھن ۾ جوابدارن لياقت علي الھداد جميل جلال عبدالحق ۽ ٻين جي تشدد ۾ پيرسن عورت زخمي ٿي پئي ھئي جھيڙي ۾ ٻنھي ڌرين جا مرد توڙي عورتون زخمي ٿي پيا ھئا جنھن سبب پيرسن عورت تشدد دوران زخمي ٿي پيئي ۽ هو اڄ فوت ٿي ويئي اسان ايس ايڇ او مبارڪپور کي بروقت اطلاع ڏنو پر ڪيترا ئي ڪلاڪ گذري ويا پر ايس ايڇ او نه آيو جهيڙي دوران به ايس ايڇ او بااثر وڏيري جي وانگار وهندي اسان جا ماڻهون بلا جواز ٿاڻي ۾ بند ي ڇڏيا هئا ۽ هاڻ به اسانکي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته اوهان خلاف ڪيس داخل ڪندس اسين مسڪين ماڻهون آهيون جڏهن ته جوبدار بااثر وڏيري جي پٽ جا نوڪر آهن جن هڪ دفعو ٻيهر به پنهنجي دوڪان تي ويٺل ارشاد مهتم کي حملو ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو ۽ ان سان گڏ ٻيا به ڇھ ڄڻا اسانجا زخمي آهن جيڪي هن وقت به سکر ۽ پنوعاقل جي مختلف اسپتالن ۾ زير علاج آهن پر ايس ايڇ او مبارڪپور اسانجو ڪيس به داخل نه ٿو ڪري ٻي پاسي الزام ھيٺ آيل ڌر جي لياقت مھتم رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته فوت ٿيل عورت بيمار ھئي جنھن تي اسان ڪوبه تشدد ناھي ڪيو الزام بي بنياد آھن ٻي ھوڏانهن ايس ايڇ او مبارڪپور سلطان احمد راڄپر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته جهيڙي دوران زخمي ٽن عورتن کي ميڊيڪل ليٽر ڏنا هئا اڄوڪي ڄانايل فوتي عورت اسان وٽ آئي به نه هئي ۽ نه ئي ميڊيڪل ليٽر ڏنل آهي مان سمجهان ٿو ته عورت تي تشدد ناھي ٿيل هو قدرتي طور فوت ٿي آهي ڌرڻو ڪيترا۔ئي ڪلاڪ جاري رهيو مظاهرين پوليس جي آيل اهلڪارن کي موٽائي ڇڏيو جنهن بعد ڊي ايس پي پنوعاقل مظاهرين سان فون تي رابطو ڪيو ۽ ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي پڪ ڏياري جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو ۽ فوتي عورت کي پنهنجي اباڻي قبرستان سومر شاھ ۾ دفنائڻ لاء نيو ويو