ٺڪراٺو ۾ آبادگارن کي باردانو نه ملڻ خلاف مين چوڪ سورهيه بادشاھ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي ڇتي نعريبازي ڪئي وئي احتجاج ڪندڙ آبادگارن الھوڌايو ملڪ رحمت الله مڱريو پيراڻو مھر امتياز قاضي سڪيلڌو لغاري ۽ ٻين دانھيندي چيو ته ٺڪراٺو ۽ مبارڪپور جي فوڊ سينٽرن تي ويھ هزار ٻوري جو خريداري ٽارگيٽ هوندو جنهن سبب عام آبادگار کي باردانو آساني سان ملي ويندو هو هن ڀيري ان ٽارگيٽ کي اڌ کان گهٽ ڪري هتان جي آبادگارن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي چونڊيل وزيرن ۽ مشيرن جي سفارش تي پهريان آيل باردانو هتان جي بااثر ۽ وڏن ذميندارن کي سکر جي خوراڪ کاتي عملدارن گهر پهچائي ڏنو جنهن کانپوء سينٽرن تي باردانو ناهي ملي سگهيو جنهن سبب عام آبادگار جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي ملڪ پاڪستان جي شھ رڳ زراعت آهي جنهنکي هٿ سان تباھ ڪيوپيووڃي فصل کي واڌ ويجھ لاء ڀاڻ ڏيڻ وقت اهي ساڳيا ئي سرڪاري ڪامورا ۽ سيٺيون هٿ ساڻ کوٽ پيدا ڪري في ٻوري ٻھ هزار روپيه وڌيڪ وڪرو ڪري اسانکي ٻنهي هٿن سان ڦرين ٿا ۽ هينئر باردانو پڻ انهن ئي سيٺين وٽ آهي تڏهن ته چار هزار روپيه في مڻ ڪڻڪ ٽي هزار روپين ۾ وڪرو ڪرڻ تي مجبور آھيون جنهنجي نتيجي ۾ اسانکي لکين روپين جو نقصان ٿي رھيو آھي آبادگارن چيو آھي ته فوڊ انچارج آبادگارن کي ستون فارم ۽ ٻيا گھربل ڪاغذ آڻڻ لا۽ چون ٿا جيڪي کڻي وڃون ٿا ته چون ٿا اسانکان ايم اين اي ۽ ايم پي اي باردانو وٺي ويا آھن اسان وٽ ڪجھ به ناھي جيڪا سراسر اسان مسڪين آبادگارن سان ظلم آھي احتجاج ڪندڙن خوراڪ کاتي جي اختيارين سميت ڊي سي سکر اي سي ۽ مختيارڪار پنوعاقل کان مطالبو ڪيو آھي ته فوڊ انچارجن خلاف ڪارروائي ڪري واپارين جي دوڪانن تي ڇاپا ھڻي باردانو ھٿ ڪري آبادگارن ۾ ورھايو وڃي جيئن عام آبادگار وڌيڪ نقصان کان بچي سگھن.