ٺڪراٺو : ۾ غوثيا جماعت جي مريدن جو شاھ محمود قريشي جي آزادي لا۽ احتجاجي ريلي ڪڍي

ٺڪراٺو : ۾ غوثيا جماعت جي مريدن جو شاھ محمود قريشي جي آزادي لا۽ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو نعريبازي شاھ محمود قريشي کي ناحق گرفتار ڪري انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو ٿو وڃي جنھن عمل سان غوثيا جماعت جي دل آزاري ٿي آھي فوري طور تي روحاني پيشوا شاھ محمود قريشي کي آزاد ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي خبر موجب ٺڪراٺو ۾ غوثيا جماعت جي مريدن مخدوم شاھ محمود قريشي جي آزادي لا۽ مين چوڪ وٽ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙن لالا ممتاز مھر علي اڪبر گھنور غلام حسين چاچڙ علي حسن مھر اظھر مھر ۽ ٻين چيو ته اسانجي روحاني پيشوا شاھ محمود قريشي کي بنا ڪنھن ڪرپشن جي ڪيس جي ناحق گرفتار ڪري جيل اندر رکيو ويو آھي ۽ کيس انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو پيو وڃي جنھن عمل سان غوثيا جماعت جي مريدن جي دل آزاري ٿي آھي احتجاج ڪندڙن نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ناحق گرفتار ٿيل اسانجي روحاني پيشوا مخدوم شاھ محمود قريشي کي آزاد ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.