ٺڪراٺو : ۾ ميڊيڪل اسٽورن تي ڊرگ انسپيڪٽر سکر جا ڇاپا اسٽور مالڪن ۾ ڀاڄ ٻھ ميڊيڪل اسٽورسيل ڪيترن ئي

ٺڪراٺو: ۾ ميڊيڪل اسٽورن تي ڊرگ انسپيڪٽر سکر جا ڇاپا اسٽور مالڪن ۾ ڀاڄ ٻھ ميڊيڪل اسٽورسيل ڪيترن ئي اسٽورن تان مد خارج دوائون هٿ مدي خارج دوائون ۽ سيمپل انسپيڪٽر پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا جن اسٽورن تان مدي خارج دوائون هٿ ڪيون ويون تن اسٽور مالڪان کي ڇنڊ ٻيهر لاپرواهي ڪرڻ تي اسٽور سيل ڪري ڇڏينديس : انسپيڪٽر پاران وارننگ ٺڪراٺو جي ميڊيڪل اسٽورن تي مدي خارج دوائون هلڻ جي انڪشاف بعد سکر جي ڊرگ انسپيڪٽر پاران ميڊيڪل اسٽورن تي اوچتو ڇاپا هنياويا ڇاپ جو ٻڌي ڪيترا ئي اسٽور مالڪ اسٽور بند ڪري ڀڄي ويا جڏهن ته چئن اسٽورن تي چڪاس ڪرڻ کانپوء ٻھ ميڊيڪل اسٽور سيل ۽ مدي خارج دوائون هٿ اچڻ تي ٻن اسٽور مالڪن کي سکر لائسنس ۽ ضروري ڪاغذات کڻي اچڻ جو پابند ڪيو ويو ٺڪراٺو جي ميڊيڪل اسٽورز تي سکر ضلعه جي ڊرگ انسپيڪٽر ميڊم شفق چاچڙ ڇاپا ھڻي 2 غير قانوني ھلندڙ ميڊيڪل اسٽور سيل ڪري ڇڏيا آھن ميڊيڪل اسٽورز تان وڏي مقدار ۾ مُدي خارج دوائون به ھٿ ڪيون ويون آھن ڊرگ انسپيڪٽر شفق چاچڙ ٻڌايو آھي ته عوامي شڪايتن تي ٺڪراٺو پھتي آھيان ۽ بنا لائيسنسن جي ھلندڙ خالد سوڍڙو ۽ اسد مھتم جي ميڊيڪل اسٽورن کي سيل ڪيو آھي ۽ ٻين اسٽورز مالڪن کي سختي سان ھدايتون ڏنيون آھن ته پنھنجا لائسنس ٺھرايو پوء ئي اسٽور کوليو ڊرگ انسپيڪٽر جو وڌيڪ ٻڌايو آھي ته ڇاپن دوران اسٽورن تان مدي خارج دوائون به ھٿ ڪيون آھن ۽ غيرقانوني اسٽورز ھلائيندڙن خلاف اھڙيون ڪارروايون جاري رکيون وينديون ۽ آئنده جيڪڏهن ڪنهن به اسٽور واري بغير لائسنس جي اسٽور کوليو ياڪنهن به اسٽور تان ڪا جعلي يا مدي خارج ميڊسن هٿ آئي ته ان تي ڪيس داخل ڪرايا ويندا.