ٺڪراٺو ۾ ناري جي فوت ٿيڻ تي مڱيندي مبينا آپگھات ڪري ڇڏيو

ٺڪراٺو ۾ ناري جي فوت ٿيڻ تي مڱيندي مبينا آپگھات ڪري ڇڏيو وارثن ۾ ڪھرام ھڪ ئي وقت گھر مان 2 جنازا کڄڻ وقت ماحول سوڳوار سموري شھر ۾ سوڳ واري صورتحال جنازي نماز بعد ناري ۽ نوجوان مڱيندي جو مڙھ آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي خبر موجب ٺڪراٺو جي دوبري پاڙي ۾ افسوس ناڪ واقعو پيش آيو جتي ناري جي فوت ٿيڻ کانپو۽ مڱيندي به زھريلي دوا پي زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو جنھن واقعي کانپو۽ گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ ھڪ ئي وقت 2 جنازا کڄڻ مھل ڪيتريون ئي اکيون آليون ٿي ويون ٺڪراٺي شھر جي دوبري پاڙي ۾ 18 ورھين جي تصويران ڌيءُ رجب علي مھتم کي ساھ جي تڪليف سبب پيش آئي ته وارث کيس سکر جي اسپتال کڻائي ويا جتي ھو فوت ٿي وئي ناري جي فوت ٿيڻ جو ٻڌي مڱيندي 21 ورھين جي نظير احمد مھتم پٽ محمد مٺل مھتم زھريلي دوا پي آپگھات ڪري ڇڏيو جنھن کي وارث سکر جي اسپتال کڻائي ويا جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي جنھن کانپو۽ مڙھ کي ضروري ڪارروائي بعد گھر آندو ويو ناري ۽ مڱيندي جا مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ واقعي جو ٻڌي ڪيترائي شھري فوتين جي گھر پھچي ويا اھڙي واقعي کانپو۽ ٺڪراٺو شھر ۾ ڏک جي لھر پکڙجي وئي ان سلسلي ۾ ناري ۽ نوجوان جي مائٽن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نياڻي کي ساھ جي تڪليف ھئي کيس سکر کڻائي وڃي رھيا ھئاسين ته ھُن دم ڏئي ڇڏيو جڏھن ته سندس مڱيندي به ان ڏک ۾ اچي زھريلي دوا پي ڇڏي جيڪو به فوت ٿي ويو ھڪ ئي وقت گھرن مان ٻه جنازا کڄڻ وقت ڪيتريون ئي اکيون آليون ٿي ويون ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان ۽ ڇوڪري ٻئي اڪڙي پٽ واري علائقي ۾ ڦٽين جو چونڊو ڪرڻ لا۽ ويل ھئا سندن ڪجھ وقت ۾ شادي به ٿيڻي ھئي.