ٺڪراٺي: ۾ سڱ نه ڏيڻ تان ڳوٺاڻي جو ڀائيٽين جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو زمين تي قبضو ۽ موتمار ڌمڪيون ملڻ خلاف ڳوٺاڻي جو احتجاج

ٺڪراٺي: ۾ سڱ نه ڏيڻ تان ڳوٺاڻي جو ڀائيٽين جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو زمين تي قبضو ۽ موتمار ڌمڪيون ملڻ خلاف ڳوٺاڻي جو احتجاج انصاف جو مطالبو ڀائيٽين کي ھڪ سڱ ڏنو ھو جنھن تي ھنن ڪارنھن جي تھمت مڙھي گھران ڪڍي ڇڏيو ٻيو سڱ نه ڏيڻ تان ڀائيٽين زندگي زھر بڻائي ڇڏي آھي زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو اٿن ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن پوليس به مدد نه پئي ڪري نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراھم ڪيو وڃي خبر موجب ٺڪراٺو ۾ ڳوٺ گھٽي جي رھواسي ڳوٺاڻي غلام علي ملڪ پنھنجي ڀائيٽين جي بي واجبين خلاف احتجاج ڪيو احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻي ميڊيا آڏو دانھيندي الزام لڳايو ته منھنجن ڀائيٽين عطا حسين ذاڪر سردار بخش ۽ ٻين کي ڪجھ وقت اڳ سڱ ڏنو ھو جنھن تي ھنن ڪارنھن تھمت ھڻي گھر مان بيدخل ڪري ڇڏيو ھو جنھن ناري جي ٻي ھنڌ شادي ڪرائي ڇڏي آھي ھاڻ ساڳيا ئي ڀائيٽيا ٻيو سڱ گھرڻ لڳا آھن جيڪو نه ڏيڻ تان ھُنن منھنجي زمين ۾ بيٺل وڻ وڍرائي گھر کڻائي ويا آھن ۽ زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن مونکي ۽ منھنجي گھرڀاتين کي موتمار ڌمڪيون ڏئي جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻي ٻڌايو ته ڀائيٽين جي ناجائزين کانپو۽ ايس ايس پي سکر کي شڪايت ڪئي آھي جنھن ايس ايڇ او مبارڪپور کي جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو آھي پر ھو مدد ڪرڻ لا۽ تيار ناھي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻي ڊي آ۽ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي زندگي زھر بڻائيندڙ ڀائيٽين کي گرفتار ڪري تحفظ ۽ انصاف فراھم ڪيو وڃي.