رپورٽ موجب ٺڪراٺي جي فنڪارن ۽ شاعرن پاران 3 سال اڳ سنگرار شھر مان ڏھ محرم الحرام جي موقعي تي ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ سبيل پياريندي معصوم نياڻي پريا ڪماري کي اغوا ڪيو پر سندس هن مهل تائين ڪو ڏس پتو پئجي نه سگهيو آھي ان حوالي سان ٺڪراٺي جي مقامي شاعر۽ فنڪارماسٽر سريش ڪمار بابو ملڪ آزاد ملڪ ۽ ٻين پريا ڪماري جي بازيابي لاء ڪلام ٺاھي ڳائي احتجاج ڪيو جنھن جا ٻول ھيا ” کڻي تصوير ماءُ روئي ٿي ويچاري آزاد ڪرايو پريا ڪماري ” فنڪارن شاعرن احتجاج ڪندي ٻڌايو ته پريا ڪماري صرف ھندو نه بلڪ سموري سنڌ جي نياڻي آھي جنھن جي بازيابي لاء ھر انسانيت سان پيار ڪندڙ احتجاج رڪارڊ ڪرايا ھر ميڊيا فورم تي اليڪٽرونڪ , پرنٽ توڙي سوشل ميڊيا تي ڀرپور آواز اُٿاريو آھي ھنن جوڙايل جي آء ٽي سميت سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته سنڌ جي مظلوم نياڻي پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي سندس والدين حوالي ڪئي وڃي جئين سنڌ واسين ۾ ڦھليل بي چئني دور سگهي