سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته صرف ٻن ڏينهن جي لاءِ آءِ جي ۽ ڪراچي پوليس چيف کي منهنجي ماتحت ڪريو پوءِ شهر ۾ ڪٿي به ڏوهه ٿئي وڃي ته مان پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس ڪراچي جي سول اسپتال جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته سول اسپتال ۾ هڪ بستري تي 3 ٻار رکيل آهن، علاج هيٺ ٻارن جا گهر ڀاتي فوٽ پاٿ تي مجبوري واري حالت ۾ ستل نظر آيا هن چيو ته چونڊون ويجهيون آهن سموريون پارٽيون دعويٰ ڪري رهيون آهن. ڪراچي جي سمورين سرڪارين اسپتالن جي حالت تمام گهڻي خراب آهي. ٻين صوبن ۾ 10 لک روپين تائين علاج جي لاءِ ڪارڊز موجود آهن. صحت واي سيڪريٽري چيو ته سنڌ جي عوام کي به صحت ڪارڊ ڏيڻ جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن 95 ارب روپين جو بجيٽ اسپتالن کي ڏنو پيو وڃي اهو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي ڪامران ٽيسوري چيو ته ڪراچي ۾ جتي وڃو گٽر کليل ملندا آهن. اڄ 11 هنڌن تي ڏٺو ڪٿي به گٽر تي ڍڪ رکيل نه هو. شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جو به تمام گهڻو حال خراب آهي. ڪراچي پوليس چيف سان انهي باري ۾ ڳالهيون ڪندس سنڌ جي گورنر چيو ته ماڻهو اسان کان پڇي رهيا آهن ته شهر مان ڏوهه ڪڏهن ختم ٿيندو. جنهن کان به موٽر سائيڪل ۽ موبائيل فون ڦر ٿيا انهن کي جلد اسان موبائيل ۽ موٽر سائيڪل ڏينداسين. هن چيو ته ٻن ڏينهن جي لاءِ آءِ جي ۽ ڪراچي پوليس چيف کي منهنجي ماتحت ڪريو پوءِ ڏوهه ثابت ٿئي وڃي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس. جنهن کي نگران حڪومت ڏني وئي انهن کان به سوال ڪرڻ جي ضرورت آهي.