ٻٻرلوءِ ڀرسان قاضي کوھ قومي شاهراھ تي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ المناڪ حادثو پيش آيو،

پريالوءِ : ٻٻرلوءِ ڀرسان قاضي کوھ قومي شاهراھ تي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ المناڪ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ ٺيڙهي واسي 25 ورهين جو مڪيش ڪمار اوڏ زندگي وڃائي ويٺو. مڪيش پنهنجي گهر واپس وڃي رهيو هو ته تيز رفتاري سان ايندڙ ٽريڪٽر ٽرالي کيس ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.حادثي جي اطلاع ملندي ئي ٻٻرلوءِ پوليس فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتي ۽ لاش کي ڳاڙهي موري اسپتال منتقل ڪيو. اسپتال ۾ ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مڪيش جي فوت ٿيڻ جي خبر گهر پهچندي ئي ڪهرام مچي ويو، ٻٻرلوءِ پوليس حادثي ۾ ملوث ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ان جي ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد ملوث ڊرائيور خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. علائقي واسين ٽريفڪ قانونن تي سختي سان عمل ڪرائڻ ۽ ٽريڪٽر ٽراليز جي بي ترتيب حرڪتن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.