ٽائون ڪاميٽي ملازمن کي 12 مھينن کان پگهارون نه مليون

وٺ/سن ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن جي پگهارون نه ملڻ خلاف ٽائون ڪميٽي سن جي ملازمن ڪم ڇڏي ھڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي مظاھرين استاد ڀڪ ملاح، شفقت خاصخيلي، علي گوهر کوسو، عبدالرحمان چانڊيو ۽ ٻين آنلائين انڊس ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته مسلسل 12 مھينن کان پگهارون بند آھن ھن ڀلاري مھيني ۾ پگهارون بند ڪري فاڪاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي ٽائون ڪاميٽي سن جي چيئرمين چاندي خان پليجو کي پگهارون لاءِ چئون ٿا اھو چئي ٿو منهنجي ھٿ ۾ ڪجھ ناهي ملوڪ شاهه سان ڳالهايو ملوڪ شاهه کي چئون ته ڪوڙا بھانا ٺاهي ٿو ملوڪ شاهه ٽائون آفيسر جو دادلو ھجڻ ڪري پنھنجون من مستيون ڪري رھيو آهي ۽ سڀ پاور پاڻ وٺ رکي ويٺو آهي چئيرمين کي به نٿو ڏي ڪجھ ڏينھن اڳ ٽائون جو ملازم فھد جويو بيماري ۾ فوت ٿي ويو جنهن کي پگهارون نه ملڻ ڪري پنھنجو علاج نه ڪرائي سگھيو هو پر ھنن ظالمن کي ڪو احساس نٿو ٿي آخر ٽائون ڪاميٽي سن جي 63 لک ڪٿي خرچ ٿي رھيا آھن، ڪو رڪارڊ موجود ناهي ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٽائون ڪميٽي سن جو انچارج ملوڪ شاهه کي ھٽائي سندس خلاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ سندن پگهارون جاري ڪري فاڪاڪشي واري زندگي گذارڻ کان بچايو وڃي.