ٽنڊوآدم ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ خيرپور ناٿن شاهه واسي نوجوان قتل

ٽنڊوآدم ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ خيرپور ناٿن شاهه واسي نوجوان قتل، جوابدار فرار ٿي ويا ٽنڊوآدم شھر جي شهيد محمد فقير ڏيرو چوڪ تي موٽر سائيڪل تي سوار 2 اڻڄاتل هٿياربندن سڌي فائرنگ ڪري 22 ورهين جي نوجوان محمد افضل لنڊ کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي تعلقه اسپتال ٽنڊوآدم آندو پئي ويو ته هو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو مقتول جو لاش تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويوپوليس موجب مقتول اصل خيرپور ناٿن شاهه جو رهواسي آهي، جيڪو ايڊوانس مائڪرو فنانس بئنڪ ۾ ملازم هو، جنهن کي اڻڄاتل جوابدارن قرض وٺڻ جي بهاني فون ڪيو ۽ هڪ هنڌ تي گهرائي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن، مقتول کي 5 گوليون لڳل آهن پوليس موجب قتل ذاتي دشمني جو نتيجو ٿو لڳي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون هوڏانهن آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.