ٽنڊومستي پوليس مبينا پوليس مقابلي بعد ٻن ڏوهاري کي زخمي حالت م هٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ

ٽنڊومستي ٿاڻي جي پوليس ٽنڊومستي رفيق مهيسر لنڪ روڊ تي ٻن جوابدار کي زخمي حالت م هٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي جن جي سڃاڻپ بهادر پٽ مير خان مري ۽ عظيم بگٽي جي نالن سان ٿي آهي جن سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، ايس ايڇ او ٽنڊومستي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته زخمي حالت م گرفتار جوابدار ڏوھ جي ارادي سان روڊ تي بيٺل هئا جن اسان کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪري ڏني جن کي زخمي حالت م گرفتار ڪري ورتو آهي جيڪي پوليس کي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هئا جن جو ڪرمنل رڪارڊ ضلع جي مختلف ٿاڻن تان وٺي رهيا آهيون