ارت ۽ ڏکڻ آفريقا جي ٽيمن وچ ۾ نائون آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل اڄ ڪنگسٽن، اوول، برج ٽائون، بارباڊوس ۾ کيڏيو ويندو. ان کان اڳ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا افغانستان کي هڪ طرفي مقابلي کان پوءِ 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو هو جڏهن ته ميگاايونٽ جي ٻئي سيمي فائنل ميچ ۾ ڀارتي ٽيم انگلينڊ جي ٽيم کي 68 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو هو.