مليل ڄاڻ موجب ته تنگواڻي ويجهو شبير آباد ٿاڻي جي حد ۾ ٽي ڏينهن اڳ هٿياربندن جي هٿان اغوا ٿي ويل مغوي بس ڊرائيور سردار ڪندراڻي ۽ ڪلينر الطاف پهوڙ جو ويڊيو وائرل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ زنجيرن سان ٻڌل آهن ڌاڙيلن پاران سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي مغوين جو چوڻ آهي ته اسان کي ڌاڙيلن جي چنبي مان فوري طور تي آزاد ڪرائي ڏنو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو آهي ته ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن ۽ گهرن کي نه ڊاٿو وڃي ۽ اپوزيشن بند ڪيو وڃي ياد رهي ته اغوا ٿي ويل مغوين جو تعداد 28 ٿي ويو آهي مغوين جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي