پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس: عمران خان کي 28 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم

اسلام آباد: جي بينڪنگ ڪورٽ پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان کي 278 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.بينڪنگ ڪورٽ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ ٻين خلاف فارين ايڪسچينج ايڪٽ جي تحت پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عمران خان جي قانوني ٽيم طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي آرڊر جي ڪاپي عدالت ۾ پيش ڪئي وئي.عدالت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ عمران خان کي 28 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. بينڪنگ ڪورٽ جي جج رخشده شاهين ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڪيس جي ٻڌڻي 28 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي.