پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي لاءِ ڀتو وٺندڙ سرگرم ڪارڪن گرفتار، ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا

ٽي ٽي پي جي لاءِ ڀتو وٺندڙ سرگرم گروپ جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن جاچ دوران ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن سيڪيورٽي ادارن ٽي ٽي پي جي خلاف وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. ڳجهن اطلاعن جي بنياد تي پابندي مڙهيل تنظيم جي لاءِ ڀتو وٺندڙ سرگرم گروپ جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو جنهن جاچ دوران ڀتو وٺڻ جي طريقي بابت وڏا انڪشاف ڪيا آهن گرفتار ڪيل تنظيم جا ڪارڪن ڪافي وقت کان مختلف طريقن سان ٽي ٽي پي کي ڀتو ڏئي مدد ڪندا هئا. جوابدارن ٽي ٽي پي جي ڪمانڊر جي افغانستان ۾ موجودگي جي به تصديق ڪري ڇڏي آهي. گرفتار جوابدارن جاچ دوران انڪشاف ڪيو ته ٽي ٽي پي ڪمانڊر عبدالرزاق جيڪو هن وقت افغانستان ۾ آهي اسان کي واٽس ايپ جي ذريعي هدايتون ڏيندو هو جوابدارن انڪشاف ڪندي وڌيڪ ٻڌايو ته ٽي ٽي پي ڪمانڊر عبدالرزاق ماڻهن کي گهرن ۽ دڪانن جون وڊيوز گهرائي کين ڀتو ڏيڻ جي لاءِ افغانستان مان فون ڪندو هو ۽ ڀتو ملڻ ۾ دير جي صورت ۾ جان کان مارڻ يا اغوا جون ڌمڪيون ڏيندو هو ياد رهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام جي تحفظ لاءِ اهم قدم کڻي رهيا آهن جن ۾ روزاني سيڪيورٽي فورسز کي اهم ڪاميابيون ملي رهيون آهن.