پارليامينٽ ميمبرن جي بجلي مفت نه هوندي آهي، 35 سالن جا بل ڏيکاري سگهان ٿو: خواجه آصف

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پارليامينٽ ميمبرن جي بجلي مفت نه هوندي آهي، مان 35 سالن جا بل ڏيکاري سگهان ٿو. بيورو ڪريٽس ۽ ججن جي مفت بجلي ختم ڪرڻ جي خبر تي ڳالهيون ڪندي خواجه آصف سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ دفاع واري وزير چيو ته پارليامينٽ ميمبرن جي بجلي مفت ناهي هوندي، 35 سالن جا بجلي جا بل ڏيکاري سگهان ٿو، جيڪي پنهنجي کيسي مان ادا ڪيا آهن. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته بيورو ڪريٽس ۽ جج صاحبان جي بجلي جي بلن جو انهن کان پڇو. مان انهي جي باري ڪابه خبر نٿو رکان، نه ئي ان سلسلي ۾ ڪجهه ڳالهائڻ چاهيان ٿو. ياد رهي ته توانائي واري وزارت انڊيپينڊنٽ پاور پروڊيوسرز(آءِ پي پيز) جي خلاف ملڪ گير آگاهي مهم کان پوءِ ايمرجنسي پلان تيار ڪيو آهي. پلان موجب سمورن سرڪاري، نيم سرڪاري ادارن ۾ مفت بجلي جي سهولت ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. جڏهن ته بيورو ڪريٽس، ججز ۽ پارليامينٽريز سميت سڀني جي مفت بجلي بند ڪرڻ جي به تجويز آهي. انرجي ڊويزن جي ذريعن ٻڌايو ته ٻئين مرحلي ۾ مفت پيٽرول جي سهولت به واپس وٺڻ جي تجويز ڏني وئي آهي جنهن تي پڻ عمل ڪيو ويندو.