تحريڪ انصاف جي اڳواڻ رئوف حسن چيو آهي ته بشريٰ بي بي ۽ علي امين گنڊاپور پاڻ ٻڌائيندا ته 26 نومبر تي اسلام آباد ۾ ڇا ٿيو هو.
نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي رئوف حسن چيو ته جيڪو ڪجهه اسلام آباد ۾ ٿيو اهو هڪ سنجيده معاملو آهي. بشريٰ بي بي ۽ علي امين گنڊاپور پاڻ ٻڌائيندا ته اتي ڇا ٿيو هو، اهي اتان واپس ڇو ويا.
بشريٰ بي بي کي زبردستي ڌرڻي جي هنڌ تان وٺي وڃڻ جي سوال تي هن چيو ته منهنجو خيال ناهي ته ڪنهن شخص کي زبردستي اتان کان وٺي وڃڻ ممڪن آهي. خاص طور تي جڏهن اتي گوليون هلي رهيون هجن، جڏهن ته علي امين ۽ بشريٰ بي بي جي گاڏين کي به گوليون لڳيون هيون جنهن کان پوءِ انهن کي اتان ڪڍڻ ئي بهتر آپشن هو.
تحريڪ انصاف جي پابندي وارين خبرن تي ڳالهائيندي رئوف حسن چيو ته تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ آسان ڪم نه آهي پر اڄڪلهه ڪجهه اهڙيون عجيب وغريب شيون ٿي رهيون آهن جيڪڏهن اهڙو ڪجهه ٿئي ٿو ته قانوني رستو اختيار ڪنداسين.
هن وڌيڪ چيو ته هن وقت اسان پنهنجي گريبان ۾ ڏسي رهيا آهيون ته اسان کان ڪٿي غلطيون ٿيون آهن، پارٽي کي اڳيان وڌائڻ جي لاءِ نئين قيادت جي باري ۾ سوچيو پيو وڃي.