اسلام آباد: بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائيمينٽ پاسپورٽ گم ٿيڻ جي صورت ۾ اي ٽريول ڊاڪيومينٽ (ETD) جاري ڪرڻ بابت نيون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن۔ نون ضابطن تحت شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ ۽ اميگريشن رڪارڊ جي تصديق لازمي قرار ڏني وئي آهي۔اعلاميي موجب درخواست ڏيندڙ جي قومي سڃاڻپ جي مڪمل جاچ ضروري هوندي، جڏهن ته نادرا ۽ امپاس ذريعي پاسپورٽ جي تصديق پڻ ڪئي ويندي۔ جيڪڏهن رڪارڊ ۾ تضاد مليو ته گهرو وزارت کان وڌيڪ تصديق ورتي ويندي۔ اختيارين موجب صرف انهن ماڻهن کي اي ٽي ڊي جاري ٿيندو، جن جا شناختي ڪارڊ يا پاسپورٽ رڪارڊ تصديق ٿيل هوندا۔