تفصيل موجب پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان اڄ صبح اسلامي جمهوريه ايران تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪري ٿو، اسرائيلي حملا گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.ترجمان چيو ته اسرائيل ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي ڀڃڪڙي ڪئي، اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطرو آهي.اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ غير مستحڪم خطو وڌيڪ خطرناڪ صورتحال جو شڪار ٿيندو، موجوده ڇڪتاڻ واري صورتحال ۽ تڪرار جي پکيڙ جو مڪمل ذميوار اسرائيل آهي.گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي امن امان لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ اسرائيل جي مجرمانه رويي جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، عالمي برادري علائقائي امن ۽ سلامتي جي بحالي لاءِ ڪردار ادا ڪري.ياد رهي ته اڄ صبح سوير اسرائيل ايران تي فضائي حملو ڪيو، صهيونسٽ فورسز ايران جي فوجي تنصيبات کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.تهران اسرائيلي جارحيت جي تصديق ڪندي چيو آهي ته دفاعي نظام اسرائيلي ڊرون کي ڪيرايو، اسرائيل کي ڀرپور جواب ڏيڻو پوندو، اسرائيلي حملي ۾ ٻه ايراني فوجي شهيد ٿي ويا.