پاڪستاني فري لانسرز جو نئون رڪارڊ، 11 مهينن ۾ 1.6 ارب ڊالر جو قيمتي ناڻو ملڪ آندو

پاڪستاني فري لانسرز ملڪي تاريخ جو نئون سنگ ميل عبور ڪندي صرف 11 مهينن دوران 1.6 ارب ڊالر کان وڌيڪ پرڏيهي ناڻو ملڪ ۾ آڻي نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي.ماهرن موجب آءِ ٽي ۽ ان سان لاڳاپيل شعبن ۾ هي ڪنهن به هڪ سال جي سڀ کان وڌيڪ آمدني آهي، جڏهن ته مستقبل ۾ 10 ارب ڊالر جي هدف حاصل ڪرڻ جا به روشن امڪان موجود آهن.فري لانسرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي چيئرمين ابراهيم امين چيو آهي ته پاڪستاني فري لانسرز ملڪ لاءِ قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ گذريل مالي سال دوران 1.6 ارب ڊالر پاڪستان موڪليا.:::