پاڪستان اسرائيلي وزيراعظم جي فلسطينين کي سعودي عرب اماڻڻ واري بيان کي رد ڪري ڇڏيو

پاڪستان آمريڪا طرفان ڀارت کي جديد ٽيڪنالاجي وارن هٿيارن جي فراهمي واري اعلان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي وائٽ هائوس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ آمريڪي صدر ڀارت کي ايف 35 ويڙهاڪ جهازن سميت جديد دفاعي اوزارن جي فراهمي جو اعلان ڪيو هو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان شفقت علي خان هفتيوار ميڊيا بريفنگ ۾ ٻڌايو ته پاڪستان کي جديد ٽيڪنالوجي جي ڀارت منتقلي سخت خدشا آهن. هن چيو ته اسان انڊويو ايس گڏيل بيان کي بي بنياد، غلط ۽ اقتدار جي خلاف قرار ڏيون ٿا، گڏيل بيان ڀارت طرفان عوام حقن جي پامالي جو جواب ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو. دهشتگردي سبب متاثر ملڪ جي طور تي پاڪستان دنيا ۾ امن واستحڪام کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. فلسطينين جي لاءِ سعودي عرب ۾ فلسطيني رياست جي قيام جي اسرائيلي وزيراعظم جي بيان تي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته پاڪستان اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو جي فلسطنين جي سعودي عرب اماڻڻ جو بيان به رد ڪري ٿو.  ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان شفقت علي خان ٻڌايو ته پاڪستان ترڪ قبرصين جي حمايت جو ارادو ڪيو جڏهن ته ترڪيه ڪشمير تي پاڪستان جي غير متزلزل حمايت جو ارادو ڪيو ۽ پاڪستان جي موقف جي تعريف ڪئي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف متحده عرب امارات جو به دورو ڪيو، وزيراعظم گلوبل گورنمنٽس سمٽ سان خطاب ڪيو ۽ يو اي اي جي قيادت سميت عالمي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪيون.