پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته جرمني جي شهر فرينڪفرٽ ۾ انتهاپسند گروهه طرفان قونصل خاني تي حملي جي مذمت ڪريون ٿا. پنهنجي بيان ۾ پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ته گذريل ڏينهن فرينڪفرٽ ۾ پاڪستاني قونصل خاني جي سلامتي کي خطرو ۾ وڌو ويو. ويانا ڪنوينشن جي تحت ميزبان حڪومت جي ذميواري آهي ته قونصلر احاطي جي تقدس جي حفاطت ڪري ۽ انهي جي جي سلامتي کي يقيني بنائي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ان سان قونصل عملي جي جان کي خطرو ٿيو آهي، اسان جرمن حڪومت کي پنهنجي سخت احتجاج کان آگاهه ڪريون ٿا. جرمن حڪومت تي زور ڏيون ٿا ته ويانا ڪنوينشن جي تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي. جرمني جي حڪومت جرمني ۾ پاڪستاني سفارتي مشنز عملي جي سلامتي يقيني بنائڻ جي لاءِ قدم کڻي. هن وڌيڪ چيو ته جرمن اختياريون گذريل ڏينهن جي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي فوري طور گرفتار ڪري انهن جي خلاف ڪارروائي ڪري، جرمن اختيارين سيڪيورٽي جي ڪوتاهين ۽ ذميوار ماڻهن کي جوابده قرار ڏئي. جرمني ۾ پاڪستاني سفارتطخاني به واقعي تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته فرينڪفرٽ ۾ پاڪستاني قونصل خاني تي شرپسندن ڀڃ ڊاهه ڪئي جنهن جي سخت مذمت ڪريون ٿا. سفارتخاني پنهنجي بيان ۾ چيو ته جرمن اختيارين سان رابطي ۾ آهيون ته جيئن آئنده اهڙي صورتحال پيدا نه ٿيڻ کي يقيني بنائي سگهجي جڏهن ته پاڪستاني ڪميونٽي کان صبر ۽ پرسڪون رهڻ جي اپيل ڪريون ٿا. ٻئي طرف جرمن سفارتي اختيارين چيو آهي ته پوليس شروعاتي جاچ ڪري پاڪستاني اختيارين کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، احتجاجي عناصر فرينڪفرٽ کان پوءِ اڄ برلن ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن.