ڪراچي: پاڪستان سپر ليگ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ کي وڏو ڌڪ لڳي ويو، ڇو ته انگلش فاسٽ بالر تائمل ملز ليگ ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو.ذريعن موجب تائمل ملز انگلينڊ ۾ ٽريننگ دوران انجري سبب پي ايس ايل ۾ شرڪت کان محروم ٿي ويو آهي، ٻڌايو ويو آهي ته ڪرڪيٽر جي پراڻي انجري ٻيهر بگڙي وئي آهي.تائمل ملز آخري 5 ميچن لاءِ 27 فيبروري تي اسلام آباد يونائيٽيڊ کي جوائن ڪري ها.ان کانسواءِ اسلام آباد جو نوجوان فاسٽ بالر ذيشان ضمير به فٽينس مسئلن جو شڪار ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪولن منرو فٽنيس ٽيسٽ ڪليئر ڪري ورتي آهي ۽ ايندڙ ميچ لاءِ دستياب هوندو.