گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير عاصم افتخار احمد گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات جي دوران انهي ڳالهه جي تصديق ڪئي ته پاڪستان ايندڙ مهيني(جولاءِ) جي دوران سلامتي ڪونسل جي صدارت جون ذميواريون سنڀاليندو. گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿيل انهي اهم ملاقات ۾ پاڪستان جي گڏيل پروگرام آف ورڪ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون جنهن جي تحت عالمن امن، سلامتي جي ڪيترن ئي اهم معاملن تي سلامتي ڪونسل جا اجلاس منعقد ڪيا ويندا. سفير عاصم افتخار احمد واضح ڪيو ته پاڪستان سلامتي ڪونسل جي صدارت دوران شفاف مشاورتي ۽ تعميري سفارتڪاري کي هٿي ڏيندو ته جيئن عالمي مسئلن جي حل ۾ بهتر اڳڀرائي ممڪن بنائي سگهجي. ملاقات جي دوران عالمي سطح تي جاري بحرانن، خاص طور تي وچ اوڀر جي نازڪ صورتحال، آفريڪي ۽ ايشيائي خطن ۾ ڇڪتڻ ۽ گڏيل قومن جي امن مشنز جي افاديت تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن عالمي چيلنجز جي حل لاءِ ڊگهي تعاون جي ضرورت کي اجاگر ڪندي سيڪريٽري جنرل جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪيل ڪوششن جي مڪمل حمايت جو ارادو ڪيو. پاڪستان جي ايندڙ صدارت نه صرف عالمي سطح تي انهي جي سفارتي سرگرمين کي نمايان ڪندو. پر گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي ڏکڻ ايشيائي موقف جي به وڌيڪ موثر طريقي سان اجاگر ڪرڻ جو موقعو ڏيندو.