پاڪستان مخالف طاقتون دهشتگردي جي حمايت ۽ مالي مدد ڪري رهيون آهن: آصف زرداري

 صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي جي خلاف اڪيلو جنگ وڙهي رهيو آهي، پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن دهشتگرد طاقتن تي ڪنٽرول ڪيو آهي. دهشتگردي جي متاثرين جي عالمي ڏينهن تي دهشتگردي جي سمورن متاثرين کي خراج عقيدت پيش ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته حياتيون قربان ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جي بهادر اهلڪارن ۽ عوام کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن دهشتگردن جي هٿان پنهنجن پيارن کي وڃائيندڙ خاندانن جي تڪليفن کي ياد ڏياري ٿو، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڳري قيمت ادا ڪئي آهي. صدر چيو ته اسان دهشتگردي سبب هزارين شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي وڃايو، بينظير ڀٽو کي به دهشتگردن شهيد ڪيو، دهشتگردي سبب اسان جي معيشت کي اربين ڊالرز جو نقصان ٿيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان مخالف طاقتون دهشتگردي جي حمايت ۽ ڳجهي طور تي مالي مدد ڪري رهيون آهن. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عالمي تعاون مضبوط بنائڻو پوندو. عالمي سطح تي انٽيليجنس شيئرنگ وڌائڻ جي ضرورت آهي.