پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي ۽ ليڊيز ونگ سنڌ جي صوبائي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مهرين ڀٽو

پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي ۽ ليڊيز ونگ سنڌ جي صوبائي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مهرين ڀٽو ، ڪنگري ۽ خيرپور ضلعي جي غريب ۽ معذور عورتن ۽ مردن ۾ بيت المال جي سهڪار سان مالي مدد لاءِ چيڪ تقسيم ڪيا. تقريب ۾ ضلعي جي ڪيترن ئي مستحق ماڻهن کي مالي سهائتا فراهم ڪئي وئي، جنهن جو مقصد انهن جي روزمره جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ سندن زندگي ۾ آسانيون آڻڻ هو. تقريب دوران ڊاڪٽر مهرين ڀٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو غريبن جي خدمت کي عبادت سمجهي ٿي ۽ معاشري جي محروم طبقن جي مدد کي پنهنجي زندگيءَ جو مشن بڻايو آهي. هن چيو ته هر سال جيان هن سال به بيت المال جي سهڪار سان غريب ۽ معذور ماڻهن جي مدد لاءِ اهڙي تقريب منعقد ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد انهن کي مالي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. ڊاڪٽر مهرين ڀٽو چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي سدائين غريب عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي ۽ ان مشن کي جاري رکندي، هوءَ هر ممڪن ڪوشش ڪندي ته ضلعي جي هر مستحق شخص تائين هي مدد پهچي سگهي. هن بيت المال جي سهڪار کي ساراهيو ۽ يقين ڏياريو ته اهڙيون تقريبون ايندڙ وقت ۾ به جاري رهنديون.