سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان کي ماحولياتي تبديلين جي چيلنجز کي منهن ڏيڻو آهي. جسٽس منصور علي شاهه لاهور ۾ تقريب کي خطاب ۾ چيو ته فوڊ سيڪيورٽي ڊيزاسٽر مينجمينٽ واٽر سيڪيورٽي سميت ٻين شين تي غور جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان کي ماحولياتي تبديلين جي چيلنجز کي منهن ڏيڻو آهي، گذريل 7 سالن کان موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ڪوبه ڪم ناهي ٿي سگهيو. عدالتن هميشه موسمياتي ايمرجنسي جي ڪيسز کي سنجيده ورتو عدالتن ڪيسز تي هدايتون جاري ڪيون پر گرائونڊ تي ڪجهه به نه ٿي سگهيو. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڪلائميٽ فنانس ئي ڪلائميٽ جسٽس آهي، ڪلائميٽ ڊپلوميسي تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ماحولياتي انصاف گهڻو ضروري آهي، اسان وٽ ايڊمنسٽريشن جا مسئلا آهن. هن چيو ته لڳي ٿو ته حڪومت وٽ پئسا نه آهن. 2017 ۾ قانون بڻجو پر اڃان تائين اٿارٽي ناهي بڻجي سگهي اسان سوموٽو نٿا وٺي سگهون. هن چيو ته 26هين آئيني ترميم به ڪلائيمٽ فنانس جهڙو وڏو مسئلو آهي، اربن ۽ ايگريڪلر پلاننگ تي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته 90 جي ڏهاڪي ۾ انڊسٽريز کي بند ڪرڻ کان وٺي عوامي مسئلن تي ڳالهيون ڪيون ويون ڊيزاسٽر مينجمينٽ ۽ واٽر سيڪيورٽي جي معاملي تي غور جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ ڪلائميٽ فنانس اميد جي هڪ روشني ٿيندي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اسان ٽرڪ جي بتي پٺيان لڳل آهيون. موسمياتي ايمرجنسي جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي ٺاهڻي پوندي.