پاڪستان کي مضبوط بنائڻ لاءِ جيڪو ضروري هوندو اهو ڪنداسين: محسن نقوي

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پاڪستان کي مضبوط بنائڻ جي لاءِ جيڪو ضرور هوندو اهو ڪنداسين گهرو وزير محسن نقوي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اسان کي چڱي ريت آگاهي آهي ته صدر ۽ وزيراعظم جي خلاف بدنيتي تي ٻڌل مهم جي پٺيان ڪير آهي، مان واضح طور تي چئي چڪو آهيان ته صدر جي استعيفيٰ بابت ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي هن چيو ته صدر جو هٿياربند فوج جي قيادت سان مضبوط ۽ باوقار تعلق آهي. جڏهن ته فيلڊ مارشل جو سمورو ڌيان پاڪستان جي طاقت ۽ استحڪام تي آهي محسن نقوي چيو ته صدر جو چوڻ آهي ته مون کي خبر آهي ته اهي ڪوڙيون افواهون ڪير ۽ ڇو پکيڙي رهيو آهي ۽ جيڪي ڪوڙن بيانن جو حصو آهن اهي دشمن ايجنسين سان گڏجي جيڪو چاهين ڪن اسان کي انهي سان ڪوبه فرق نٿو پوي. هن چيو ته پاڪستان کي مضبوط بنائڻ جي لاءِ جيڪو ضرورهوندو اهو ڪنداسين.