پاڪستان : ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 3 ارب ڊالرز جو اسٽينڊ باءِ معاهدو ٿي ويو

اسلام آباد : ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 3 ارب ڊالرز جو اسٽينڊ باءِ معاهدو ٿي ويو، عالمي مالياتي اداري پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان هن معاهدي لاءِ اڳواٽ ئي شرطن تي عمل ڪري چڪو آهي.آءِ ايم ايف پاران پڌرائي ۾ ٽيڪسز جو دائرو وڌائڻ، بجيٽ جي منظوري ۽ شهيد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعن غريبن تائين رقمن جي فراهميءَ جي واکاڻ ڪئي وئي آهي.آءِ ايم ايف پڌرائي ۾ زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ناڻي واڌ کي قابو ۾ رکڻ لاءِ قدم کڻي ته جيئن عام ماڻهوءَ تي پيل بار گهٽجي سگهي، آءِ ايم ايف اهو به تسليم ڪيو ته پاڪستاني معيشت کي عالمي تبديلي جي اثرن ۽ ٻوڏ جهڙا جهٽڪا به لڳي چڪا آهن.پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اميد آهي ته پاڪستان ٻين فورمز تان به قرض حاصل ڪري سگهندو، آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان ۾ جاري پروگرام جو مدو اڄ ختم ٿي رهيو آهي.