پاڪستان ۽ آسٽريا ۾ واپار، اقتصادي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر آصف زرداري

صدر آصف علي زرداري سان آسٽريا جي اڳوڻي سفير اينڊرياوڪي ايوان صدر ۾ الوداعي ملاقات ڪئي، انهي موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به موجود هو صدر آصف زرداري ٻطرفي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ سفير اينڊرياو جي خدمتن جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪستان آسٽريا سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي آصف علي زرداري چيو ته آسٽريا جا سرمائيڪار پاڪستان جي سياحتي شعبي ۾ سرمائيڪاري جي موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا، جڏهن ته پاڪستان آسٽريا جي الپائن ٽورازم ۾ مهارت مان به فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو، آسٽريا جي ڪمپنين پاڪستان جي تربيت يافته آءِ ٽي ماهرن جي خدمتن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿيون صدر آصف زرداري آسٽريا جي صدر لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام به ڏنو ۽ اينڊرياوڪي طرفان ذميواريون خوش اصلوبي سان مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني.