پاڪستان ۽ افغان عبوري حڪومت وچ ۾ هڪ دفعو ٻيهر باضابطه رابطو

قطر جي شهر دوحه ۾ پاڪستان ۽ افغان حڪومت وچ ۾ هڪ دفعو ٻيهر باضابطه رابطو ٿيو آهي. گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ افغان ڪانفرنس ۾ شريڪ افغان وفد جي پاڪستاني وفد سان ملاقات ٿي، افغان وفد جي ڀارتي وفد پهرين ئي ڏينهن ملاقات ٿي وئي هئي پاڪ افغان وفد جي ملاقات قطر ۾ پاڪستاني سفير جي رهائشگاهه تي ٿي جنهن ۾ پاڪستاني وفد جي سربراهي آصف دراني ۽ افغان طالبان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد موجود هو. پاڪستاني سفير افغان وفد جي مان ۾ مانجهاندو ڏنو. پاڪستاني سفير چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ گهڻو ڪجهه گڏيل آهي، امن جي خواهش ٻنهي طرفن کان موجود آهي. ذريعن موجب دوحه ۾ پاڪ افغان وفد جي ملاقات مثبت رهي، افغان وفد ڪانفرنس ۾ افغان موقف جي حمايت تي پاڪستان جو ٿورو ادا ڪيو. جڏهن ته افغان وفد پاڪستاني حمايت کي عوامي سطح تي تعريف ڪئي.