ايراني صدر جي دوري جي موقعي تي پاڪستان ۽ ايران ۾ واپاري ڪاٿو ڏهه ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي. اسلام آبا ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي مفاهمت جي يادداشت جي تقريب کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر ابراهيم رئيسي گڏيل پريس ڪانفرنس به ڪئي. وزيراعظم چيو ته ايران ۽ پاڪستان جا لاڳاپا رڳو 76 سالن کان ناهن پر پاڪستان کي سڀ کان اڳ ايران تسليم ڪيو. هن چيو ته غزه تي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد جا بخيا اڊيڙيا پيا وڃن پر دنيا چپ آهي، جڏهن ته ڪشمير لاءِ آواز اٿارڻ تي ايراني صدر جا ٿورائتا آهيون. ان موقعي تي ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو ته غزه جي عوام جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي، غزه بابت جرئتمند موقف تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام کي سلام، سلامتي ڪائونسل غزه معاملي تي ذميواريون نه پئي نڀائي، غزه جي عوام کي هڪ ڏينهن انهن جو حق ۽ انصاف ملي ويندو. هن چيو ته دوست ۽ پاڙيسري ملڪ پاڪستان سان تاريخي لاڳاپا آهن، اهي لاڳاپا ڪير ختم نٿو ڪري سگهي، دوست ملڪن ۾ گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪنداسين، پاڪ _ ايران واپاري ڪاٿو 10 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.