پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي هڪ دفعو ٻيهر تيزي سان وڌي رهي آهي اسان کي سياسي اختلاف ڇڏي ملڪي مسئلن جو مقابلو ڪرڻو آهي پشاور هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي هڪ دفعو ٻيهر وڌي رهي آهي. اسان کي پاڻ ۾ ٿيندڙ جهيڙا ختم ڪرڻا پوندا. اسان سڀني ملي ان لاءِ قربانيون ڏنيون ته جيئن دهشتگردي جو خاتمو ٿئي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام، پوليس ۽ فوج جو دهشتگردي جي مقابلي ۾ اهم ڪردار آهي. گذريل دور ۾ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ سنگين ڪيسن ۾ گرفتار ٿيل دهشتگردن کي جيلن مان ڪڍيو ويو. اهڙن فيصلن سبب پوليس، فوجي ۽ عوام شهيد ٿيندي رهي آهي بلاول ڀٽو چيو ته ڪالهه ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪريان ٿو. گذريل دور جي اهڙي هڪ فيصلي پاڪستان کي تمام گهڻو پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان هن ملڪ، نظام ۽ جمهوريت جي بهتري چاهيون ٿا. اسان چاهيون ٿا ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي انصاف ڏياريو وڃي. اسان چاهيون ٿا ته تاريخ کي صحيح ڪيو وڃي. بلاول ڀٽو چيو ته هڪ وقت جي آمر کان مرضي جو فيصلو وزيراعظم جي خلاف ڪرايو ويو. هڪ فيصلو ڪرايو ويو جيڪو ڦاهي جو هو. پاڪستان ۾ تمام گهڻا وزيراعظم رهيا. ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي ايٽم بم ڏياريو مسلمانن کي گڏ ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽو مسلمان ملڪن کي ٻڌايو ته اوهان جو تيل اوهان جي طاقت آهي ان کي استعمال ڪريو بلاول چيو ته 11 سالن کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس جي ٻڌڻي تي چيف جسٽس جو ٿورائتو آهيان. زنده هي ڀٽو زنده هي واري نعري جو مذاق اڏائيندڙن کي شايد هاڻ اندازو ٿي رهيو هوندو. ذوالفقار علي ڀٽو کي انصاف ڏياري هي دروازو هميشه جي لاءِ بند ٿيڻ گهرجي. اسان جا سپورٽرز به ايتري ئي اهميت رکن ٿا جيتري ميان صاحب جا سپورٽرز انهن سان گڏ. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ريفرنس هلي رهيو آهي. انصاف ڏيارڻ چاهيان ٿو ته جيئن سڀاڻي ڪوبه مينڊيٽ کڻي وزيراعظم بڻجي ته ان سان اهڙي قسم جو واقعو نه ٿئي. هن چيو ته اسان کي جوڊيشري تي پورو ڀروسو آهي. جوڊيشري قانون، آئين ۽ جمهوريت موجب فيصلو ڏيندي بلاول ڀٽو چيو ته هن ملڪ جو 18 مهينا پرڏيهي وزير رهيو آهيان. پنهنجي اکين سان ڏٺو ته هتي ڪيترو پوٽيشنل موجود آهي. اسان کي نفرت، ورهاست ۽ انا جي سياست ڇڏڻي پوندي. مان کيڏندس ڪنهن ٻئي کي کيڏڻ نه ڏيندس اهڙي سياست کي ڇڏڻو پوندو پ پ چيئرمين چيو ته اسان وٽ پنهنجا وسيلا آهن جيڪڏهن اسان دنيا سان ملي هلڻ چاهيون ٿا ته اهو اسان جو پنهنجو فيصلو آهي. جيڪڏهن اسان اتر ڪوريا بنجڻ چاهيون ٿا ته اها به اسان جي مرضي آهي. شهيد بي بي ملڪ بدر هئي ته مان دبئي ۾ رهندو هئس. دبئي کي خيبرپختونخواهه جي ماڻهن پنهنجي رت پگهر سان ٺاهيو. غربت، بنيروزگاري ۽ روزگار نه هجڻ جو حل اسان به ڪڍي سگهون ٿا. جيڪڏهن اسان هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪيندا رهنداسين ته ڪنهن به مسئلي جو حل نٿو نڪري سگهي.