پاڪستان ۾ عام چونڊن کان اڳ دهشتگردن جا حملا ڳڻتي جوڳا آهن: برطانوي هاءِ ڪمشنر

برطانوي هاءِ ڪمشنر پنهنجي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته عام چونڊن کان اڳ پاڪستان ۾ دهشتگردن جا حملا ڳڻتي جوڳا آهن سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس تي بيان جاري ڪندي پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ چيو آهي ته پاڪستان ۾ سڀاڻي(8 فيبروري) تي ٿيندڙ عام چونڊن جي سلسلي ۾ تياريون جاري آهن ۽ انهي کان اڳ اڄ ٿيندڙ دهشتگردن جا حملا ڳڻتي جوڳا آهن هن چيو ته مان اهڙن ڌماڪن جي مذمت ڪريان ٿي جيڪي عوام کي ووٽ ڏيڻ کان روڪڻ چاهين ٿا. منهنجون همدرديون متاثر ماڻهن جي پيارن سان گڏ آهن.