پاڪستان ۾ ڪرسي کي طاقت ناهي هوندي، مان به وزيراعظم نه هئس، نوڪري ڏني وئي هئي: شاهد خاقان

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرسي جي ڪابه طاقت ناهي هوندي مان به وزيراعظم نه هئس پر مون کي نوڪري ڏني وئي هئي لاهور جي الحمرا هال ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اخلاقي جرئت ناهي ته سياستدانن کي سياست ڪرڻ جو ڪوبه فائدو نه آهي. جهڙي طرح نوازشريف اقتدار ۾ اچي رهيو آهي مون کي ان سان اختلاف آهي. نوازشريف اسٽيبلشمينٽ کان سواءِ 100 جي بجاءِ 30 سيٽن تي اچي پر پنهنجو قد ڪاٺ ڊائون نه ڪري هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪرسي کي ڪابه طاقت ناهي هوندي. مان وزيراعظم نه هئس پر مون کي نوڪري ڏني وئي هئي. پي ٽي آءِ چوري ۽ مسلم ليگ(ن) ڌاڙو هڻي اقتدار ۾ رهي آهي. نوازليگ سان گڏ آهيان انهن جي خلاف چونڊن ۾ حصو نه وٺندس مون سياست ڇڏي نه آهي شاهد خاقان عباسي چيو ته عمران خان جي ناڪامي جو سبب چوري جي اليڪشن آهي. انهن جي اها حالت چوري جي اليڪشن سبب ٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته نيب سياستدانن کي ذليل ۽ خوار ڪري رهيو آهي مان نيب جو سڀني کان پهريون گراهڪ آهيان نيب جي خاتمي لاءِ شهباز شريف کي ڪيترائي ڀيرا چيو پر منهنجي ڳالهين تي عمل نه ڪيو ويو اڳوڻي وزيراعظم چيو ته منهنجو هاڻ مسلم ليگ(ن) سان سياسي تعلق نه رهيو آهي. الله ڪري دوستي قائم رهي. پارٽي سان ناراضگين جو سبب مريم نواز نه آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته مفتاح اسماعيل کي استعيفيٰ نه ڏيڻ جو مشورو ڏنو هو. کيس چيو هو ته ڄمي بيهجان پر (ن) ليگ کي مفتاح اسماعيل کي خوار ڪري استعيفيٰ نه وٺڻ گهرجي ها.