پاڪ افغان سرحد ڀرسان آپريشن ۾ افغانستان کان آيل دهشتگرد گرفتار، اهم انڪشاف

بلوچستان ۾ پاڪ افغان سرحد ڀرسان سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن کان پوءِ افغانستان مان  دهشتگردي جون وڌيڪ شاهديون سامهون اچي ويون آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ افغان دهشتگردن جي ملوث هجڻ ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي ۽ افغانستان مان مان دهشتگردن جي پاڪستان ۾  دهشتگردي وڌي رهي آهي. مختلف دهشتگرد تنظيمن کي افغان طالبان جي مڪمل حمايت، سهولتڪاري ۽ سرپرستي حاصل آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته 5 مارچ 2025ع تي بلوچستان ۾ پاڪ افغان سرحد جي ڀرسان علائقي ٽوبه ڪاڪڙي ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪامياب آپريشن ڪيو جنهن ۾ 4 اهم دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا. دهشتگردن کان ڪلاشنڪوفون، دستي بم ۽ ٻيو هٿيار هٿ آيو آهي. جڏهن ته گرفتار دهشتگردن دهشتگردي جي وڏي ڪارروائي جي منصوبه بندي جو اعتراف به ڪيو آهي. گرفتار دهشتگرد اعترافي بيان ۾ ٻڌايو ته منهنجو نالو اسام الدين ولد گلشاد آهي مان افغانستان مان آيو آهيان، اسان جو نظريو، اسان جي ٽريننگ آهي، مون وٽ 2 بندوقون، 2 ڪلاشنڪوف، هڪ گرينيڊ ۽ ٻيو هٿيار موجود هو. دهشتگرد اسام الدين ٻڌايو ته اسان افغانستان مان 3 ڏينهن اڳ پاڪستان ۾ داخل ٿياسين، اسان سرحدي علائقي مان رات دير سان چوري سان پاڪستان ۾ داخل ٿياسين اسان کي اڳتي پشين وڃڻو هو. سيڪيورٽي ذريعن موجب دهشگردن جي خلاف انهي آپريشن جي ڪاميابي ۾ مقامي ماڻهن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ٻئي طرف گرفتار دهشتگردن کي وڌيڪ پڇاڳاڇا جي لاءِ نامعلوم هنڌ تي منتقل ڪيو ويو آهي. اڳ به ڪيترائي افغان دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز جي هٿان مارجي ويا آهن. مارجي ويل  افغان دهشتگردن مان افغان صوبي باغديس جي گورنر جو پٽ خارجي بدرالدين به شامل هو. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته 28 فيبروري 2025 تي مارجي ويل افغان دهشتگرد مجيب الرحمان افغانستان جي حضرت مغاذ بن جبل نيشنل ملٽري اڪيڊمي ۾ ڪمانڊر هو.