اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس ٻڌڻ جي طريقي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيسز مقرر ڪرڻ جي طريقي جو نوٽيس وٺندي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي سموري رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته مان سپريم ڪورٽ جو جج آهيان، 5 سالن تائين چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ به رهي چڪو آهيان، اسان چاهيون ٿا شفافيت هئڻ گهرجي. جيڪڏهن رجسٽرار ڪيس هڪ کان ٻئي بينچ ۾ لڳائيندو ته شفافيت ڪيئن ٿيندي. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته ائين لڳو ته هڪ رجسٽرار ته مون جهڙي جج کان به وڌيڪ طاقتور آهي. مان 2010 جا ڪيس نٿو ٻڌي سگهان ڇو ته ڪيسز رجسٽرار ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪندو آهي. ڇا مان فون ڪري رجسٽرار کي اهو چئي سگهان ٿو ته فلاڻو ڪيس فلاڻي بئنچ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.؟ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار چيو آهي ته چيف جسٽس پاڪستان جي منظوري سان ئي ڪيس ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ٿيندا آهن. جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته سوال اهو آهي ته بينچ ۾ جسٽس حسن رضوي صاحب هو، بينچ ڇو تبديل ٿيو؟ ڪيسز فڪس ڪرڻ جو طريقو ڪهڙو آهي.سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر امان الله ڪنراڻي چيو ته ماڻهو پڇي پڇي ٿڪجي پيا آهن پر اسان جا ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر نٿا ٿين. وقفي کان پوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته سپريم ڪورٽ جو رجسٽرار عشرت علي عدالت ۾ پيش ٿيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس ۾ شفافيت نالي ڪابه شيءَ ناهي.1999ع جا ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن. اسان 2022 جون اپيلون ٻڌي رهيا آهيون، اهڙي معاملي جي ڪا ته وضاحت ٿيڻ گهرجي.جسٽس يحيٰ آفريدي ريمارڪس ڏنا ته رجسٽرار آفيس ۾ شفافيت هئڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس جيڪو به ڪم ڪري اهو لکت جي صورت ۾ هجڻ گهرجي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار عشرت علي کي ڪنهن به شيءِ جي خبر ناهي، هن ايڊيشنل رجسٽرار کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان ڊي فيڪٽو رجسٽرار جي طور تي ڪم ڪري رهيا آهيو؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته اسان کي ٻڌايو ته اسان پوءِ ڪنهن کي گهرايون. ڇا اسان سيڪشن آفيسر کي هن معاملي تي گهرايو. اسان کي ٻڌايو ته ڪيسز بابت سپريم ڪورٽ جو ڪهڙو طريقو آهي ۽ پراڻا ڪيس ٻڌڻي لاءِ ڇو نه پيا لڳايا وڃن.عدالت سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي لاڳاپيل رڪارڊ طلب ڪندي ٻڌڻي ۾ ساڍي 11 وڳي تائين وقفو ڪيو. ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته جسٽس قاصي فائز عيسيٰ اڄ سمورا ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جسٽس قاصي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کان پڇاڻو ڪيو ته بينچ ڇو تبديل ڪيو ويو جنهن تي رجسٽرار ٻڌايو ته مون کي چيف جسٽس جي سيڪريٽري بينچ تبديل ڪرڻ جي لاءِ چيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ ججز جا بينچ اسٽاف آفيسر هلائيندو آهي سموري دنيا هن ڪيس کي ڏسي رهي آهي ان لاءِ پنهنجو موقف سوچي ٻڌايو. رجسٽرار چيو ته 9 رڪني لارجر بينچ ختم ٿي ويو ان لاءِ بينچ تبديل ٿيو.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ماڻهو ان لاءِ وڃي پريس ڪانفرنس ڪندا آهن ته مرضي جو بينچ هو انصاف نه مليو. عدالت چيو ته 56 هزار کان وڌيڪ ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن. 1999ع کان ٻڌڻي هيٺ ڪيسز جي جڳهه تي 2021 جون اپيلون لڳائڻ ناانصافي آهي.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رجسٽرار کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جي ذهن ۾ ڇا آيو؟ رجسٽرار عشرت علي جواب ڏنو ته گذريل ڏينهن حالتون تبديل ٿي ويون هيون اسان چيف جسٽس کي نوٽ اماڻيو هو.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سوال ڪيو ته نوٽ چيف جسٽس ڏانهن ڇو اماڻيو؟ جسٽس يحيٰ پڇاڻو ڪيو ته اهان اهو پڇيو ته هن ججز سان ڇا ڪريون جيڪي 9 رڪني بينچ جو حصو ناهن؟ ته پوءِ چيف جسٽس اهو ڪري ڇڏيو؟ رجسٽرار جواب ڏنو ته جي بالڪل ائين ٿيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇيو ته اوهان نوٽ ٺاهي اماڻيو يا زباني خرچ ڪيو. فائلون ڏسي ٻڌايو؟ رجسٽرار جواب ڏنو ته اسان فائل گهرائي ٿا وٺون.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان ڇا هوندو آهي؟ اسان جو لفظ بادشاهه استعمال ڪندا آهن. مون چئي ڳالهايو. عدالت ۾ سوچي سمجهي ڳالهايو، عوام انصاف لاءِ سپريم ڪورٽ جو دروازو کڙڪائيندو آهي.