پريالوءُ (رپورٽ) پريالوءُ شهر جي قريشي محلي ۾ ڏينهن ڏٺي جو نامعلوم موٽرسائيڪل سوار جوابدارن ايمبولينس ڊرائيور ثناءُ ﷲ قريشي جي گهر تي هوائي فائرنگ ڪري ڏهڪاءُ پيدا ڪري ڇڏيو. فائرنگ کان پوءِ جوابدار متاثر گهر ڌڻي کي کلي عام ڌمڪيون ڏيندي فرار ٿي ويا. واقعي سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس ڇانئي ويو ۽ رهواسي پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ صورتحال جو جائزو ورتو. متاثر گهر ڌڻي جي فرياد تي پريالوءُ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي. پوليس موجب جوابدارن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ کين جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ اهڙيون وارداتون ڳڻتي جوڳيون آهن ۽ فوري طور سخت قدم کڻڻ گهرجن.