پريالوءِ جي نوجوان صحافي محمد عمر ڀٽو جي ڏاڏي جي ٽيجيهي تي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جو تعزيت جو اظهار

پريالوءِ جي نوجوان صحافي محمد عمر ڀٽو جي ڏاڏي جو ٽيجهو ٿي گذريو. مختلف سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ صحافين پاران پريالوءِ لڳ ڳوٺ پڪا الرا پهچي صحافي محمد عمر ڀٽو ۽ ٻين وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ويو.

تفصيل موجب، پريالوءِ جي نوجوان صحافي محمد عمر ڀٽو جي ڏاڏي جو ٽيجهو ٿي گذريو، جڏهن ته مختلف سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ صحافين، جن ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي يوسي صدر صدرالدين ڀٽو، جمعيت علماءِ اسلام جي سائين سعيد احمد ڀٽو، پريالوءِ جي سينيئر صحافي انور ناريجو، عمران علي اوڍو، نصرالله کيڙو، صوبل اوڍو، ثناءُالله بلوچ، عبدالجبار ميراڻي ۽ ٻين شامل هئا، محمد عمر ڀٽو، قائم الدين ڀٽو ۽ محمد رفيق ڀٽو سان ڳوٺ پڪا الرا پهچي تعزيت ڪئي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو.