پريالوءِ: ماڊرن پبلڪ اسڪول، پريالوءِ ۾ هڪ شاندار ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو ويو. پروگرام جو مقصد سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۽ نوجوان نسل ۾ پنهنجي ثقافتي ورثي بابت شعور پيدا ڪرڻ هو.پروگرام جي شروعات روايتي سنڌي موسيقي ۽ جهمر سان ٿي، جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجا فن پيش ڪيا. ثقافتي لباس ۽ روايتي رقص جي ڏيک ۽ انداز پروگرام ۾ شامل هر هڪ ماڻهوءَ کي سنڌ جي ثقافتي خوبصورتي سان متاثر ڪيو. شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف ڊراما ۽ ٽيبلوز ذريعي سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ امن جي پيغام کي اجاگر ڪيو، ماڊرن پبلڪ اسڪول جي پرنسپل پروگرام ۾ خاص خطاب ڪندي چيو ته اهڙا تقريبون نوجوانن کي پنهنجي ثقافت سان جوڙي رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن چيو ته انتها پسندي ۽ تنگ نظري جي خاتمي لاءِ ضروري آهي ته نوجوانن کي سنڌ جي شاندار ورثي ۽ امن واري پيغام سان روشناس ڪرايو وڃي. پروگرام ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مقامي ماڻهن ان قسم جي تقريبن جي واکاڻ ڪندي چيو ته اهي سنڌ جي ثقافت کي زنده رکڻ لاءِ اهم آهن. تقريب جي پڄاڻي روايتي “هو جمالو” سان ٿي، جنهن دوران شرڪت ڪندڙن خوب مزو ورتو.