پريالوءِ رپورٽ (مشتاق احمد سولنگي) پريالوءِ اسان جي ڳوٺ مان گندگي ختم ڪرائي ڏيو ً ٽائون ڪاميٽي پريالوءِ جي وارڊ نمبر 3 جي ڳوٺ الهداد بڙدي جي رهواسين جو ٽائون انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو

پريالوءِ رپورٽ (مشتاق احمد سولنگي) پريالوءِ اسان جي ڳوٺ مان گندگي ختم ڪرائي ڏيو ً ٽائون ڪاميٽي پريالوءِ جي وارڊ نمبر 3 جي ڳوٺ الهداد بڙدي جي رهواسين جو ٽائون انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو مظاهري جي اڳواڻن نظر حسين بڙدي . عبدالطيف بڙدي . گل حسن بڙدي . مصري خان بڙدي . قادر بخش بڙدي سميت ٻين ميڊيا کي ٻڌايوته ٽائون پريالوءِ انتظاميا جي نااهلي ڪري اسان جي ڄاڻايل وارڊ جي ڳوٺ ۾ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان صفائي نه پئي ڪرائي هنن چيوته ڳوٺ جي گهٽين ۾ نالين جي صفائي نه ٿيڻ ڪري ناليون مٽي سان ڀرجي ويون تنهن ڪري نالين جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري ڪنو پاڻي گهٽين ۾ تلاءُ جي صورت ۾ بيهڻ بعد نالين جو ڪنو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيوجنهن ڪري ڳوٺ ۾ مختلف خطرناڪ بيمارين منهن ڪڍيو آهي . هنن ٽائون پريالوءِ جي چيئرمين سيد جمن شاهه ۽ وائيس چيئرمين محمد حيات عرف لالو بڙدي مٿان الزام هڻندي چيوته هو اسان جي وارڊ واري ڳوٺ ۾ صفائي ڪرائڻ جي بهاني ڪوڙا بل ڏيکاري هر مهيني لکين روپيه هڙپ ڪري رهيا آهن هنن ڊي سي خيرپور . ضلعه خيرپور چيئرمين سميت ٻين اختيارين کان مطالبو ڪندي چيوته نوٽس وٺي اسان جي ڄاڻايل ڳوٺ ۾ صفائي ڪرائي بيچيني ختم ڪرائي وڃي ٻئي صورت ۾ ٽائون انتظاميه خلاف احتجاجي تحريڪ هلائيبداسين ٻئي طرف رابطي ڪرڻ تي چيئرمين ٽائون ڪاميٽي پريالوءِ سيد جمن شاهه ٻڌايوته اسان جي صفائي واري ٽيم ڄاڻايل ڳوٺ ۾ وڃي صفائي ڪن ٿا هن چيوته ڪني پاڻي نيڪال واري ٽيوب ويل تي رکيل موٽر خراب آهي جيڪو ڪم پبلڪ هيلٿ وارن جي هٿ ۾ آهي