سنڌ جي ثقافتي جي حوالي سان پريس ڪلب پريالوء ۾ ثقافتي ايڪتا پروگرام منقعد ڪيو ويو جنهن ۾ ٽائون ڪاميٽي پريالوء جي چيئرمين سيد جمن علي شاهه ،اديب ۽ شاعر سجاد ميراڻي ڪامريڊ رميز بلوچ سميت شهرين شرڪت ڪئي جڏهن ته نوجوان فنڪار عزيز احمد شيخ سنڌ جا قومي ۽ صوفياڻا ڪلام ڳائي محفل ۾ آيل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو ۽ نوجوانن سنڌي ڪلامن تي رقص ڪندا رهيا جڏهن ته مقرر اي ڊي اين نيوز ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ثقافت هزارين سال پرائي آهي جڏهن انسان غارن ۾ رهندا هئا ته سنڌي پنهنجي پڪن گهرن ۾ رهندا هئا جنهن جو موهن جو دڙو جي تاريخ مان خبر پوي ٿي ۽ اسان سنڌي ان تي فخر ڪريون ٿا سنڌو درياء سنڌ جي جياپي لاء ضروري آهي سنڌو درياء راتاها هنن جي ڪوشش ڪندي سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مزمت ڪندي سنڌي قوم کي سڃاڳ ٿيڻو پوندي اسان پهرين ڊسمبر تي ايڪتا ڏينهن ڀرپور نموني ملهائينداسين